عوام وڌيڪ مهانگائي برداشت ڪرڻ جي قابل نه آهي ڪوشش آهي ته گهٽ کان گهٽ بوجهه وڌو وڃي: اسحاق ڊار

لنڊن (اين اين آءِ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت عوام تي بوجهه وجهندي ته هر شئي جي قيمت آسمان تي پهچي ويندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت اهو تاثر ڏنو ته سبسڊيز فنڊ آهن جيڪي نه هيا، اهو گڏيل طور تي 300 ارب کان مسئلو آهي جيڪڏهن عوام تي ٻوجهه وجهنداسين ته هر شئي جي قيمت آسمان تي پهچندي. ان تي گذريل ڏينهن اتحادي اڳواڻن سان صلاح ٿي هن چيو ته پاڪستاني ڪجهه سالن ۾ مهانگائي جو طوفان برداشت ڪري چڪا هاڻي وڌيڪ برداشت جي قابل نه اهن اتحادين سان گڏجي فيصلو ڪنداسين ۽ ڪوشش هوندي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ ٻوجهه وڌو وڃي هن چيو ته اليڪشن جو فيصلو اتحادي پارٽيون گڏجي ڪنديون اليڪشن ڪمشنر موجب آڪٽوبر کان پهريان اليڪشن نٿي ڪرائي سگهجي. ٻيو آپشن آگسٽ 2023 آهي. اسحاق ڊار چيو ته صدر پاڪستان جو عمل نهايت غير موذون آهي پاڪستان ۾ نارڪي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ سٺي ڳالهه نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *