عوام (ن) ليگ تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان کي برقرار رکنداسين: خواجه سعيد رفيق

لاهور (م.ڊ) وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عوام مسلم ليگ (ن) تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهو اعتماد برقرار رکنداسين موجوده حڪومت عوام جا مسئلا سندس در تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي جمهوريت عوام جي خدمت جو نالو آهي ۽ بي شڪ مقامي چونڊن جي تڪميل سان عوام جا مسئلا گراس روٽ ليول تي حل ٿيندا اهڙن خيالن جو اظهار هن والٽن ڪنٽومينٽ بورڊ جي علائقي اقبال پارڪ ۾ علائقي جي نيڪ مردن پاران مشهور سماجي شخصيت چوڌري طاهر حميد جي وارڊ ست لاءِ ڪائونسل طور نامزدگي جي موقعي تي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي ميمبر ميان نصير اسلم ساحي رانا سعيد ميان سعيد ۽ انصر خان سميت (ن) ليگ جا ڪارڪن ۽ علائقي جو وڏو انگ موجود هو خواجه سعد رفيق چيو ته ان ۾ ڪو شق نه آهي ته گهٽي محلي جي سطح تي مسئلن جي حل لاءِ مڪاني نمائندا بهترين ذريعو آهن ۽ انهن جي مدد سان عوام جو آواز اسيمبلي ميمبرن ۽ حڪومتي ايوانن تائين بهتر نموني پهچي سگهي ٿو علائقي واسين وارڊ ست لاءِ ڪائونسلر لاءِ چوڌري طاهر حميد کي چونڊي شعور ۽ سياسي ڏاهپ جو ثبوت ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *