عوام لاءِ مهانگائي جو وڌيڪ هڪ تحفو، حڪومت جو بجلي هڪ رُپيو 53 پئسا مهانگي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا ڊسمبر 2020ع جي ماهوار فيول چارجز ايڊ جسٽمنٽ جي مد ۾ 1 رپيو 53 پيسا في يونٽ واڌ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 80 پيسا في وينٽ جي درخواست ڪئي هئي جنهن تي نيپرا اٿارٽي 27 جنوري 2021ع تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ 1.53 رپيا واڌ جو فيصلو ڪيو ويو. هي واڌ رڳو فيبروري جي مهيني جي بلن ۾ٿيندي ۽ ان نوٽيفڪيشن کي ڊسڪوز جي سمورن صارفن تي لاڳو ڪيو ويو آهي پر نوٽيفڪيشن لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفن تي لاڳو نه ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *