عوام سنڌ ۽ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ احتساب چاهي ٿو: عمران خان

پشاور (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سنڌ جي عوام جو پوليس تان ويساهه ختم ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو رينجرز طرف واجهائي رهيا آهن. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪرپشن خلاف رينجرز کان مدد گهري پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستاني قوم جا حوصلا بلند آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم متحد آهي. عمران خان چيو ته ڊي پياو حافظ آباد جي ووٽ گهرڻ واري وڊيو موجود آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ ماڻهو احتساب چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ پوليس تان ماڻهن جو ويساهه کڄي ويو آهي.جڏهن ته سنڌ ۾ رينجرز بهتر ڪم ڪري رهي آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته خيبر پختون خواهه ۾ احتساب جو نظام موجود آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ميرٽ جي لتاڙ تي مايوسي ٿي آهي. عمران خان دعوا ڪئي ته ڪي پي ڪي ۾ بهترين مڪاني نظام آندو ويندو. هن چيو ته قوم دهشتگردي خلاف پرعزم آهي۽ بڊبير جي متاثرن جي مدد ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *