عوام دشمن بجيٽ رد، ايمنسٽي اسڪيم مان ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي؟: پ پ پ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام دشمن بجيٽ کي رد ڪيون ٿا، کاڌي پيتي جي شين کان وٺي هر شيءِ جون قيمتون وڌايون ويون آهن، وڏيون دعوائون ڪندڙ تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي. هن اهڙو اظهار سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ سيد ذوالفقار شاهه پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. مرتضيٰ وهاب چيو ته عوام جي ڪنهن به شيءِ تي سبسڊي ناهي ڏني وئي هاڻي ماهوار پنجاهه هزار رپيا آمدني تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، عوام دشمن بجيٽ تي جنهن قومي اسيمبليءَ ۾ تنقيد ڪئي ته عمران خان اشارن کان ڪم ورتو، قوم کي خطاب ۾ عمران خان جي تقرير کي ميوٽ ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان چيو هو ته اسان اين آر او ڏيڻ وارا ناهيون اسان چئون ٿا ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪنهن اين آر او وٺڻ جي ضرورت ناهي، پر ايمنسٽي اسڪيم مان ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي؟ هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪا اهڙي شيءِ ناهي جنهن جي قيمت نه وڌائي وئي هجي گيس کان کائڻ پيئڻ جي شين تائين سڀ مهانگيون ڪيون ويون آهن رليف ڏيڻ ۽ ماضي ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندڙ خان صاحب سرڪاري ملازمن جي پنجاهه هزار پگهار تي به ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ماهوار پنجاهه هزار رپيا ڪمائيندڙ ڪٿان ڪرايو ڀريندو ۽ ڪيئن گذر سفر ڪري سگهندو، بجيٽ هر طرح کان عوام دشمن ۽ رڙريون ڪڍندڙ بجيٽ آهي بجيٽ ۾ نان ٽيڪس فائلر کي ڇوٽ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪالهه به وزيراعظم عوام کان رڙيون ڪڍائڻ کان نه مُڙيو ۽ خطاب به ڪيو، ماضي ۾ هڪ شخص پارليامان تي ٺونشا اُلاريا هئا اڄ هو ڪٿي آهي؟ جڏهن پارليامين تي ٺونشا اُلاريا ويندا ته ملڪ جي ڇا حيثيت بڻجندي، وزيراعظم جو ڪالهه جو خطاب حيرت انگيز هو جيڪي ماڻهو قوم کي خطاب نه ٿا ڪري سگهن اُهي ملڪ کي ڪيئن هلائيندا. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم خطرناڪ ڪميشن بڻائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڏهه سالن جي جاچ پڙتال ڪندا پر ڇا ڏهه مهينن جي ڪارڪردگي جي به جاچ پڙتال ٿيندي؟ اسان چئون ٿا ته 1999 کان وٺي هاڻي تائين جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي پيپلزپارٽي ماضيءَ جيان هاڻي به سرخرو ٿيندي. هن چيو ته عوام روڊن تي پنهنجي حقن لاءِ نڪرندو اسان پارليامينٽ ۽ روڊن تي عوام دشمن پاليسين کي وائکو ڪندا سون وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا چيو ته اين آر او ڪنهن کي نه ڏيندس ۽ پنهنجي ڀيڻ لاءِ اين آر او ڳوليو، پيپلزپارٽي کي ڪنهن اين آر او جي ضرورت ناهي اوهان نان ٽيڪس فائيلرز کي جيڪا ڇوٽ ڏني آهي اُها ڇا اين ار او ناهي؟ اهو اين آر او ڪنهن کي ۽ ڪنهن جي جائيداد کي ڇوٽ ڏني وئي. صوبائي صلاحڪار اطلاعات چيو ته وزيراعظم کان خطاب ته ٿئي ڪونه ٿو هو ڪميشن جي ڇا سربراهي ڪندو، اوهان ڏهن مهينن ۾ جيڪا تباهي ڪئي آهي ڇا ان جي به جاچ ڪندا، جيڪڏهن جاچ ڪرڻي آهي ته پنهنجي دوستن جي به ڪيو ڪالهه اهي نوازشريف جي کٻي سڄي ويٺا هئا انهن خلاف انڪوائري سان شايد سندن به رڙيون نڪري وڃن. هن چيو ته عوام اسان لاءِ نه پر پنهنجي لاءِ نڪرندو افطار ڊنر ۾ اپوزيشن کي دعوت ڏني هئي ۽ عوام جي مسئلن تي احتجاج ۽ حڪمرانن خلاف نڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو اسان آصف علي زرداري جي گرفتاري کان اڳ ئي نڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا هئاسون، اپوزيشن جي حڪمت عملي درست پئي وڃي وزيراعظم ۽ ڪابينا پريشان هئا ان لاءِ اشارا ڪيا پئي ويا. هن چيو ته سنڌ حڪومت هميشه ڪوشس ڪئي آهي ته ڪو به اضافي ٽيڪس نه لڳي پر اين ايف سي نه ملي ته ڪم ڪيئن ڪري سگهجن ٿا، 132 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا وفاق 162 ارب ڪراچي کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر بجيٽ ۾ پيسو ڪٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري تي الزام غلط آهن اسان سرخرو ٿينداسين اڪائونٽس مان پيسا منتقلي جا الزام غلط آهن احتساب ڪرڻو آهي ته عليمه باجي جو پئسو ڪٿان آيو پيپلزپارٽي تي حڪومت جي حيثيت ۾ الزام لڳايا ويندا آهن پر پي ٽي آءِ ته جماعت طور ڪرپٽ آهي، صدر عارف علوي ۽ پرويز خٽڪ سميت سمورن اڳواڻن پنهنجي اليڪشن ۾ پئسا خرچ ڪيا ان جماعت عوام کان چندو ورتو ان ۾ به ڪرپشن ڪئي وئي اها جماعت ۽ سندس اڳواڻ به ڪرپٽ  آهن ته انهن مان چڱائي ڇا ٿيندي. هن چيو ته هي بجيٽ پي ٽي آءِ جي نه پر آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي حڪومت جون دعوائون غلط آهن وزيراعظم ۽ ايوان صدر جي خرچن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، ن ليگ جيڪا ٽيڪس ڇوٽ ڏني اها غلط هئي پر هنن ته پنهنجن کي نوازڻ لاءِ ان ۾ به اضافو ڪيو کين ٻين تي الزام نه ٿو جڳائي، ڏهه سال پُٺتي به وڃو شوڪت عزيز ۽ حفيظ شيخ به رڳڙي ۾ ايندا اسان ته خوش آهيون. هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو معاشي دهشتگرد عمران خان آهي احتساب لاءِ ڪميشن رُڳو ڏهه سال نه آمرن جي دور لاءِ به جوڙيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *