عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن چونڊيل نمائندن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو: صدر عارف علوي

ڪراچي (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ صوبي لاءِ وفاقي حڪومت طرفان شروع ڪيل ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ملاقات ۾ امن امان، عوامي ڀلائي وارن قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن سميت صوبي جي گڏيل صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ڊاڪٽ رعارف علوي چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن چونڊيل نمائندن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت عوام جا مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ شروع ڪيل منصوبا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ملاقات ۾ گورنر صدر کي ٻڌايو ته صوبي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي صوبي جا مسئلا گڏيل ڳالهه ٻولهه ۽ سنجيدگي سان حل ڪيا پيا وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *