عوام جو اعتماد مليل آهي، ڪيل واعدا پاڙينداسين: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت کي عوام جو مڪمل اعتماد حاصل آهي، عوام چند هزار ماڻهو جمع ڪري تماشو لڳائيندڙن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت انهن عنصرن کي پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ ڪنهن به طرح جو ڪو موقعو نه ڏيندي، اسان جو پورو ڌيان عوام جي بهبود ۽ سندن مسئلي جي حل تي آهي، عوام سان ڪيل هڪ هڪ واعدو پاڙينداسين، تمام سياسي معاملن تي پنهنجي اتحادين کي گڏ وٺي هلنداسين. هو جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو، جنهن دوران ملڪي سياسي صورتحال خاص طور تي ڌرڻن ۽ ٻنهي پارٽين طرفان حڪومت خلاف جلسن جي مهم سان پيدا حالتن تي ويچاريو ويندو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان وزيراعظم تي زور ڀريو ته هاڻ حڪومت کي ڀرپور طريقي سان جواب ڏيڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو وري خيبر پختونخوا جي وڏي وزير خلاف تحريڪ عدم اعتماد کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪوششون شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان مخالفت ۾ تمام اخلاقي حدون ٽپي ويو آهي جيڪڏهن کيس وڌيڪ موقعو ڏنو ويو ته حڪومت لاءِ تمام وڏي مشڪلات پيدا ٿيندي. ن ليگ ۽ ان جون حليف پارٽيون گڏجي پنهنجي مخالف قوتن جو ڀرپور جواب ڏئي سگهن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پوري صورتحال تي سندس گهري نظر آهي، حڪومت طرفان تمام جلد عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا. ملاقات ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ريلوي وزير خواجا سعد رفيق، خيبر پختونخوا گورنر سردار مهتاب ۽ وفاقي وزير اڪرم دراني به شريڪ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *