عوام جا حق هڙپ ٿيڻ نه ڏبا، ڀلي ڇو نه 10 وزير اعظم گهر ڀيڙا ٿين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کان رات پوڻي اَٺين وڳي تائين ڪينٽومينٽ بورڊز، اسلام آباد ۽ ٽنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ڀلــَي 10 وزيراعظم گهر هليا وڃن پرواهه ناهي پر عوام جا حق هڙپ ڪرڻ نه ڏنا ويندا. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ، ڪينٽومينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ بابت توهين عدالت واري ڪيس جي ٻــُڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته چونڊون ڪرائڻ حڪومت جي نه پر اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، عدالت حڪومت کي 48 ڪلاڪن جو وقت ڏئي، ڪينٽومينٽ بورڊز ۾ بلدياتي اليڪشن جو آرڊيننس تيار ٿي چــُڪو آهي. جسٽس جواد ايس خواجا پڇاڻو ڪيو ته ڇا اٽارني جنرل عدالت سان سهڪار ڪري رهيو آهي؟ هن ڪيس جون 23 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن،وڌيڪ وقت جي درخواست ڪندڙن کي هــُو چوي ٿو ته 23 ڀيرا وقت ملي ويو آهي ته 24 هون ڀيرو به وقت ملي ويندو. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته عدالت جڏهن آئيني ذميواريون پوريون ڪندي آهي ته اهو چيو ويندو آهي ته اختيار اورانگهيا پيا وڃن پر هاڻي آئين سان مذاق جو سلسلو بند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته عوام جا حق هڙپ ٿي رهيا آهن، ان صورتحال ۾ هڪ وزيراعظم گهر هليو وڃي يا 10، کين پرواهه ناهي. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اڄ رات پوڻي اٺين وڳي تائين ڪينٽومينٽ بورڊز، اسلام آباد ۽ ٽنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول طلب ڪري ورتو. عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن ته شيڊول نه مليو ته رات اٺين وڳي ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *