عوام اپوزيشن ڏانهن واجهائي رهيو آهي، عوامي آواز تي لبيڪ چوڻ گهرجي: مريم نواز

اسلام آباد (م.ڊ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ فارورڊ بلاڪ بڻجي چڪو آهي ان ڪري بي اعتمادي جي رٿ ضرور ڪامياب ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته احتساب عدالت جي جج نيب پراسيڪيوٽر کان منهنجي خلاف هر ڀيري ثبوت گهريا پر نيب عدالت کان چئن هفتن جي مهلت گهري. نيب منهنجي خلاف هڪ ثبوت به عدالت ۾ پيش ناهي ڪري سگهي. جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪوبه ثبوت آهي ته عدالت ۾ پيش ڪريو، هر پيشي تي عدالت ايندي آهيان، عدالت طرفان نيب کي ايتري ڍر نه ڏيڻ گهرجي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي تياري جي لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏني آهي. انصاف ۾ دير جو مطلب انصاف جي فراهمي کان انڪار آهي. مريم نواز چيو ته عمران خان جي ذهني حالت تي شڪ ٿيندو آهي هي دنيا جو واحد وزيراعظم آهي جيڪو عوام جي خرچ تي بني گالا ۾ عياشيون ڪندو آهي اوهان کي عوام جي ڏک جي ڪيئن خبر پوندي ڇو ته اوهان جو رڌڻو ته ٻيو ڪير هلائيندو آهي. هن حڪومت جي دور ۾ ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي. هڪ ئي جهٽڪي ۾ اوهان 12 روپيه پيٽرول وڌائي ڇڏيو، جنهن سان هر شيءَ مهانگي ٿي وئي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ عوام اوهان کي ڪهڙن لفظن سان ياد ڪندي آهي اها اوهان لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي. ليگي اڳواڻ چيو ته صحافين جي معاملن ۾ پاڪستان دنيا جو خطرناڪ ملڪ آهي. عمران خان جي حالت ڏسندي آهيان ته مون کي پرويز مشرف جو دور ياد ايندو آهي. مون کي اهو ڏينهن ياد اچي رهيو آهي جڏهن ججز ۽ چيف جسٽس کي وارن مان جهلي شاهراهه دستور تي هليو ويو. هن چيو ته جڏهن محسن بيگ اوهان کي هڪ ارب روپيه جمع ڪري ڏنا تڏهن هو سٺو هو، هن تنقيد ڪئي ته اوهان ڀتون ٽپڻ شروع ڪري ڏنيون. اسان مٿان به صحافين تنقيد ڪئي پر اسان ته ڪنهن کي به تشدد جو نشانو نه بنايو. مون کي عمران خان جي ذهني حالت تي ترس ايندو آهي جيڪڏهن غلط ڪم ڪيا آهن ته تنقيد برداشت ڪرڻ جو حوصلو رکو. پنهنجون غلطيون ڏسو نٿا غلطين جي نشاندهي ڪندڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ٿا. جيڪو رويو اوهان پنهنجي گهر واري جي لاءِ رکيو آهي اهوئي ٻين جي ڌيئرن ۽ مائرن لاءِ به رکو. خاتون اول جو احترام ڪريون ٿا پر معيار سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي.مريم نواز چيو ته عمران خان سرڪاري خرچ تي انتقام کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو. ڪالهه به رياستي ادارن کي استعمال ڪري انتقام جي سياست جاري رکي. منهنجي ماءُ جڏهن بيماري جي بستري تي هئي ته تحريڪ انصاف جا ماڻهو چوندا هئا ته هو ٺيڪ آهي اسپتال جي ماني کائي رهي آهي. اسپتال مان موٽندي تحريڪ انصاف جا ماڻهو منهنجي گهر ٻاهران بيهي مون کي گاريون ڏيندا هئا. اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو ويو، مون کي ڊيٿ سيل ۾ قيد ڪيو ويو ڇا مان ڪنهن جي ڌيءَ ناهيان. مريم نواز وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اسان جا جوان شهيد ٿي ويا پر عمران خان چين ۾ اولمپڪس ڏسڻ لاءِ ويو هو، هن جي ڏوهن جي لسٽ ڊگهي آهي. هو هي رياستي نواب يا بادشاهه ناهي سندس به احتساب ٿيندو. کيس عوام جي هڪ هڪ پائي جو حساب ڏيڻو پوندو. تحريڪ انصاف ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز فارورڊ بلاڪ ٺاهي ويٺل آهن. بي اعتمادي جي رٿ ضرور ڪامياب ٿيندي. سمورن اتحادين کي چوان ٿي ته عوام جي آواز تي لبيڪ چون عوام کي به اپوزيشن جي سڏ کي لبيڪ چوڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *