عوامي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي/نوابشاھه (نمائندن وٽان)  سنڌ جي اطلاعات، بلديات ، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ ، مذهبي معاملا، جنگلات ۽ جنگلي جيوت واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ هميشه کان آباد سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نه صرف هر قسم جي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي پر هنن جي حقن جو مڪمل تحفظ پڻ ڪيو ويندو آهي. اطلاعات کاتي واي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اها ئي قائد اعظم محمد علي جناح جي سوچ هئي ۽ ان ئي سوچ کي بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽوپاران پنهنجي هر پاليسي جو حصو بڻايو ۽ هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن به اهو ئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن جون واضح هدايتون موجود آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار سوامي نارائڻ مندر ۾ هلندڙ چئن ڏينهن واري مذهبي ميلي ۾ شرڪت دوران ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آهي جنهن هميشه اقليتين کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه نه صرف پاڻ اقليتن جي مذهبي تهوارن ۾ شرڪت ڪندو آهي پر هو ڪا بينه جي ميمبرن کي پڻ اهڙي تهوارن ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪندو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قانون سازي ڪئي آهي. هن ان سلسلي ۾ ننڍي عمر جي شادي تي پابندي ۽ ٻين قانونن جو پڻ مثال ڏنو. سيد ناصر حسين شاهه ان موقعي تي سنڌ حڪومت طرفان هندو برادري لاءِ هندن جي مقدس ڪتاب ڀڳوت گيتا جي 10 هزار ڪاپيون ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. صوبائي وزير وڌيڪ چيوته هندستان ۽ پاڪستان ۾ اقليتن سان ورتاءُ ۾ واضح فرق آهي. هندستان ۾ اقليتون مودي حڪومت جي ڪاري قانونن سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن ان کان علاوه هر روز اقليتين سان نا انصافي جو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته هندستان جو تعليمي يافته طبقو هاڻي ان ڳالهه کي سمجهي چڪو آهي ته مودي حڪومت اقليتن سان زيادتي ڪري رهي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ان جي برعڪس پاڪستان ۾ اقليتن سان نه صرف برابري جو سلوڪ ڪيو ويندو آهي پر انهن کي هر قسم جي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. سوامي نارائڻ مندر  پهچڻ تي هندو برادري جي ميمبرن پاران سيد ناصر حسين شاهه جو شاندار استقبال ڪيو ۽ هن کي اجرڪ ۽ گلن جو تحفو پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سان گڏ وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي شهزاد ميمڻ ، ڊاڪٽر لعل چند اڪراڻي ۽ چيئرمين ڊي ايم سائوٿ ملڪ فياض پڻ موجود هئا. ان موقعي تي آسٽريليا کان آيل پنڊت شيام نند ۽ رام يوگا داس پاران اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ هن سان گڏ آيل وفد سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي مندر جو دورو ڪرايو. ان کان علاوه صحافين سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته تبديلي سرڪار اچي ڪري ماڻهن جي مشڪلات ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته ماڻهو هاڻي پي ٽي آءِ کان تنگ اچي چڪا آهن ۽ جلد ان نا اهل حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسد عمر ۽ پي ٽي آءِ جا ٻيا ميمبر صرف واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ بلدياتي نمائندن کي وقت کان پهريان ئي فارغ ڪيو ويو آهي ۽ نيون چونڊون نه ٿيون ڪرايون وڃن. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ به بلدياتي چونڊون نه ٿيون ڪرايون وڃن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي نه صرف بلدياتي نمائندا موجود آهن پر اهي پنهنجو نهايت بهتر نموني سرانجام ڏئي رهيا آهن.. هن چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پاران اها واضح هدايت آهي ته بلدياتي نمائندن کي وڌيڪ اختيار ڏنا وڃن ته جيئن انهن جي ذريعي عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪيون وڃن.ببئي طرف وزيراعلى سنڌ جي خصوصي هدايتن تي صوبائي وزير اطلاعات، بلديات ۽ فاريسٽ سيد ناصر حسين شاھه وزيراعلى جي خاص صلاحڪار بندھه علي لغاري سان گڏ گذريل ڏينهن ٻيون ڀيرو ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوابشاھه جي احاطي ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪري عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ مسئلن جي فوري حل لاءِ واسطيدار کاتن جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصرحسين شاھه عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي مطابق صوبائي وزير ۽ صلاحڪار مختلف ضلعن ۾ ٻيون ڀيرو کليون ڪچهريون منعقد ڪري رهيا آهن ته جئين پهرين کلي ڪچهري ۾ پيش ڪيل مسئلن جي حل بابت عوام کي آگاهي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اپاءِ وٺي سگهجن صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل کلي ڪچهري ۾ پيش ڪيل مسئلن جي حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ لاڳاپيل عملدارن کان عملدرآمد بابت رپورٽ پڻ ورتي وئي آهي صوبائي کاتن سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن ڏانهن موڪليون ويون آهن جڏهن ته وفاقي ادارن سان لاڳاپيل عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزير اعلى سنڌ پاران وفاقي حڪومت کي خط لکيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته هن کلي ڪچهري جو مقصد عوام جا مسئلا سندن درن تي حل ڪرڻ آهي ۽ انهي مقصد لاءِ ايندڙ وقت ۾ پڻ صوبائي وزيرن پاران کليون ڪچهريون منعقد ڪيون وينديون ته جئين عوام جا مسئلا حل ڪري کين تڪڙو ريليف فراهم ڪري سگهجي هن کلي ڪچهري ۾ پڻ علائقي جي عوام پاران بند پيل اسڪولن کي کولڻ،صحت مرڪزن ۾ عملي ۽ سهولتن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ سميت،گندي پاڻي جي نيڪالي، صاف پاڻي جي فراهمي،صفائي سٿرائي،رستن جي مرمت ۽ تعمير ، بجلي جي واڌو بلن، روينيو، پوليس، بلديات،آبپاشي، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ،بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ سميت ٻين بنيادي مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ۽ درخواستون ڏنيون آهن هن چيو ته انهن سمورن مسئلن کي جلد حل ڪيو ويندو جنهن لاءِ واسطيدار کاتن جي عملدارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر هدايتون جاري ڪيون ويون آهن صوبائي وزير عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوامي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ انهن آفيسرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا پاران مختلف کاتن ۾ ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ لاءِ طريقي ڪار جوڙيو ويو آهي جنهن تحت هڪ کان 4 گريڊ تائين جون نوڪريون لاڳاپيل يوسي ۽ مقامي ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته 5 کان 15 گريڊ تائين جي خالي جاين کي ڀرڻ لاءِ مڃيل ادارن ذريعي ٽيسٽ وٺڻ کانپوءِ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وينديون انهي لاءِ جلد اخبارن ۾ اشتهار پڻ ڏنا ويندا صوبائي وزير چيو ته ڪنهن ٻئي ضلعي جي نوجوانن کي هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪري ڏني وئي ته ان کي نوڪري مان ڪڍيو ويندو ۽ نوڪري ڏيندڙ خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي ويندي۔ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ابرارحمد جعفر صوبائي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته گذريل کلي ڪچهري ۾ عوام پاران سرڪاري نوڪري جون 55 درخواستون مليون هيون جن کي ضلعي ۾ هڪ کان 4 گريڊ تائين جي ڀرتين وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته معذورن پاران نوڪري لاءِ 6 درخواستون مليون هيون جن کي معذور ڪوٽا جي جاين تي ڀرتي ۾ شامل ڪيو ويندو هن وڌيڪ ٻڌايو ته روڊس،بلڊنگس،ايجوڪيشن ورڪس، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي ترقياتي اسڪيمن بابت مليل درخواستن تي لاڳاپيل ادارن ڏينهن موڪليو ويو آهي جڏهن ته سئي گئيس ۽ حيسڪو جي درخواستن جي حل لاءَ پڻ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته روينيو،پوليس،فاريسٽ سميت ٻين کاتن جي درخواستن جي حل لاءِ پڻ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ان موقعي تي ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ چئيرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي غلام قادر چانڊيو،سيڪريٽري بلديات زاهد حسين خيمٽيو، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر،ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنويرحسين تنيو،پ پ  ضلع صدر علي اڪبر جمالي،ڊائريڪٽر اطلاعات شفيق حسين ميمڻ، ايڊِيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون،ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ميرنادرعلي ابڙو،چئيرمين ميونسپل ڪميٽي محمد عظيم مغل کان علاوه اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت صحت، تعليم،بلديات،پوليس،زراعت ۽ ٻين کاتن جي ضلعي ۽ تعلقي عملدارن، ٽائون ۽ يوسي چئيرمينن، صحافين، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان کان اڳ صوبائي وزيرسيد ناصر حسن شاھه وزيراعلى جي خاص صلاحڪار بندھه علي لغاري ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ چئيرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي غلام قادر چانڊيو سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي احاطي ۾ ٻوٽولڳائي فاريسٽ کاتي پاران شروع ٿيندڙ موسم بهار جي وڻڪاري مهم جو پڻ افتتاح ڪيو.ان موقعي تي ڊائريڪٽر اطلاعات شفيق حسين ميمڻ صوبائي وزير ناصر حسين شاھه کي سنڌي جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *