
اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوامي مسئلن لاءِ منصوبا بندي سان ڪم شروع ڪيو ويندو، خابرو ادارن موجب صدر ممنون حسين سان اسلام آباد ۾ ميئر شيخ انصر ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته اسلام آباد جي مسئلن جي حل لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام جي مسئلن کي ٻڌي رهيا آهيون، جڏهن ته انهن مسئلن لاءِ منصوبابندي سان ڪم شروع ڪيو ويندو.