عوامي عدالت ۾ وڃڻ سان حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي، احتجاجي سياست ملڪ ۽ عوام کي ڪجهه نه ڏنو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ضمني چونڊن ۾ پهريان کان وڌيڪ برتري سان کٽي واپس اينداسين ترجمان وزيراعظم هائوس مطابق اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات دوران ضمني چونڊون وڙهڻ جي پارٽي فيصلي کي خوش آئيند قرار ڏيندي چيو ته هو خود به عدالت وڃڻ بدران چونڊ ميدان ۾ ئي وڙهڻ چاهي ٿو سردار اياز صادق ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو تڪ 122 جي ضمني چونڊن ۾ پهريان کان وڌيڪ برتري سان کٽي واپس ايندو هن چيو ته عوامي عدالت ۾ وڃڻ سان حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي وزيراعظم چيو ته احتجاجي سياست ملڪ ۽ عوام کي ڪجهه نه ڏنو آهي 2013 جو مينڊيٽ حقيقي آهي ان جي لاءِ ٻيهر عوام جي عدالت ڏانهن وڃي رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *