عوامي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ بار جو سهڪار اڻٽر آهي، ان کانسواءِ نظام نٿو هلي سگهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ بار جو تعاون اڻٽر آهي، ان کانسواءِ نظام نٿو هلي سگهي، مضبوط ۽ آزاد عدليه لاءِ مضبوط بار اڻٽر آهي،وڪيل غير ضروري هڙتالن کان پاسو ڪن ته جئين عوام جي اميدن تي پورا لهي سگهن، هو اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي نئين چونڊيل صدر علي ظفر جي قيادت ۾ نئين ڪابينا ۽ رٽائرڊ صدر فضل الحق جي قيادت ۾ رٽائرڊ عهديدارن کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي جسٽس ثاقب نثار موجود هو، چيف جسٽس چيو ته اها ڳالهه سٺي آهي جو نئين چونڊيل ڪابينا کي خطاب ڪري رهيو آهيان، بينچ ۽ بار وچ ۾ ويجهو تعلق انٽر آهي، ٻئي انصاف جي نظام جو لازمي حصو آهن، بينچ جي ذميواري خوف ۽ لالچ کانسواءِ قانون مطابق انصاف فراهم ڪرڻ آهي، بار جو فرض آهي ته هو عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ بينچ سان تعاون ڪري، ٻئي ادارا گڏجي عوام جون اميدون ۽ قانوني ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيسن جا فيصلا تيزي سان ٿي سگهن ٿا. بار جي رٽائرڊ صدر فضل الحق عباسي چيف جسٽس جي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪردار کي ساراهيو، نئين چونڊيل صدر علي ظفر چيو ته ان جي اڳواڻي بار مڪمل تعاون ڪندي ته جئين اداري کي مضبوط بڻائي سگهجي، وفد چيف جسٽس ۽ سينيئر جج ميان ثاقب نثار کي شيلڊ پيش ڪيون، چيف جسٽس ان ملاقات تي بار جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *