عمر ڪوٽ جي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ۽ ڊي سي عمرڪوٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عمر ڪوٽ جي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ جي موقعي تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام به ميدان تي اچي ويو. آءِ جي سنڌ الڪشن ڪميشن کي خط لکي ايس ايس پي ۽ ڊي سي عمرڪوٽ کي چونڊن کان اڳ هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي اعجاز شيخ تڪراري رهيو آهي ۽ سندس خلاف ڪيس به داخل ٿيل آهن. آءِ جي سنڌ ڪليم امام اليڪشن ڪميشن سنڌ کي 20 فيبروريءَ تي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ هُن عمرڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ جي موقعي تي ايس ايس پي ۽ ڊي سي جي بدلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. خط ۾ آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ جي بدانتظامي جي حوالي سان مختلف وقتن تي سنڌ سرڪار کي آگاهه ڪيو آهي، سندس خلاف عمرڪوٽ ۾ ڪيترائي ڪيس به داخل ٿيل آهن. خط ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ ڪوتاهي، غفلت، ان پروفيشنلزم ۽ ٻين ڏوهن جو ذميوار رهيو آهي، جڏهن ته سندس قدم يا ايڪشن تعصب تي ٻڌل رهيا آهن. آءِ جي سنڌ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته عمرڪوٽ جي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ کان اڳ ايس ايس پي اعجاز شيخ کي هٽائي سندس جاءِ تي اهڙو ايس ايس پي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو تڪراري نه هجي. خط ۾ آءِ جي سنڌ ننڍي چونڊ کان اڳ ڊي سي عمرڪوٽ کي به هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ اهڙي خط جي ڪاپي رڳو اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي آهي، جڏهن ته خط ۾ سنڌ جي گهرو کاتي، چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير ڏانهن ڪاپي موڪلڻ جو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيل تڪ پي ايس 52 تي اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊ شيدول جاري ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *