عمر اڪمل ماڊل ريچل خان کي 50 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل ناليواري ماڊل ريچل خان کي 50 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو، عمر اڪمل اهو نوٽيس پنهنجي وڪيل ذريعي ريچل خان کي اماڻيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ماڊل ريچل بي بنياد الزام هڻي سندس ساک ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. عمر اڪمل جو نوٽيس ۾ چوڻ هو ته ريچل جيڪڏهن 15 ڏينهن اندر ڏنڊ جي رقم ڏيڻ سان گڏ لکت ۾ معافي نه ورتي ته قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.واضح هجي ته ريچل خان دعويٰ ڪئي هئي ته ناروي ۾ تقريب دوران عمر اڪمل ساڻس بدتميزي ڪئي، جنهن تي هن کيس ٿڦڙ وهائي ڪڍي ۽ هو زمين تي ڪري پيو، جنهن کانپوءِ کيس انتظاميا کڻائي وئي، ريچل جو اهو به چو ڻ هو ته تقريب ۾ عبدالرزاق، مصباح الحق، شعيب اختر ۽ ڀارتي اداڪارا ماهيما چوڌري ۽ روهيت شرما به موجود هئا، هن الزام هنيو ته عمر اڪمل مونکان پهرين ماهيما ۽ روهيت سان پڻ بدتميزي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *