عمران ۽ ريحام وچ ۾ طلاق کان پوءِ پهريون ڀيرو ٽيليفونڪ رابطو، 10 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي: ذريعا

لنڊن/اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ۽ ريحام خان وچ ۾ طلاق کان پوءِ پهريون ڀيرو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو 10 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي جڏهن ته ريحام خان ڪوڙا افواهه ڦهلائيندڙن جي خلاف جلد مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ذريعن مطابق گذريل مهيني 30 آڪٽوبر تي طلاق کان پوءِ عمران خان ۽ ريحام خان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ ٻنهي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه 10 منٽن تائين ٿيندي رهي ٻئي پاسي ريحام خان الڳ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو پهريون بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته هو ڪوڙا افواهه ڦهلائيندڙن جي خلاف جلد مهم هلائيندي هن چيو ته هو پنهنجي مڙس جو ساٿ ڏيڻ چاهي پئي جڏهن ته ان جي خلاف منفي مهم شروع ٿيڻ واري هئي ۽ هو ان جو جواب شادي ۾ رهندي نه پئي ڏيئي سگهي هن چيو ته لنڊن وڃڻ کان 4 ڪلاڪ اڳ علحيدگي جا معاملا ۽ طلاق لاءِ مالي معالا طئي ٿيڻ متعلق سمورون خبرون ۽ افواهه بي بنياد آهن ۽ نه ئي عمران خان کان ڪنهن قسم جو ڪوئي مطالبو ڪيو آهي هن چيو ته لنڊن ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ دوستن ۽ ڪٽنب سان گڏ آهي ۽ بي بنياد افواهه ڦهلائيندڙ ۽ منفي مهم هلائڻ خلاف جلد مهم هلائيندي واضح رهي ته عمران خان ۽ ريحام خان وچ ۾ گذريل مهيني 30 آڪٽوبر تي طلاق ٿي هئي ٻنهي جي شادي هلندڙ سال جنوري ۾ ٿي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *