عمران ۽ جهانگير نااهلي ڪيس: چاهيون ٿا ته ڌرين کي موقعو ملي ۽ سچ سامهون اچي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ جهانگير ترين  جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته نعيم بخاري صاحب: توهان جلدي ئي دليل ڏئي ڇڏيندا آهيو، اسان کي گهڻين ئي شين کي سمجهڻو پوندو آهي، ڪيس ۾ جاچ  به ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته ٻنهي کي موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي، چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته درخواستگذار موقف تبديلي جي درخواست تي اعتراض اٿاريا، چاهيون ٿا ته ڌرين کي موقعو ملي ۽ سچ سامهون اچي. ان تي عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته تاثر اهو آهي ته عمران خان عدالتي سوالن تي يوٽرن ورتو آهي. بيان حلفي ڏيندي عمران خان وٽ دستاويز نه هئا. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته ڌرين لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي چڪي، عدالت کان اپيل آهي ته فيصلو محفوظ ڪري ڇو ته ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ دستاويز جمع نٿا ڪرائي سگهجن، نعيم بخاري اصيل جي خال کي پورو ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڪرم شيخ صاحب! توهان پنهنجي واري تي اعتراض ڪري سگهو ٿا. جسٽس فيصل عرب پڇاڻو ڪيو ته نامزدگي وارن ڪاغذن جي وقت نيازي سروسز جي اڪائونٽ ۾ ڪيتري رقم هئي؟ ان تي نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته آگسٽ 2012ع  ۾ نيازي سروسز جي اڪائونٽ ۾ 471 پائونڊ هئا، عمران خان نيازي سروسز جي اڪائونٽ مان 22 هزار يورو مارچ 2008ع ۾ مليا. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڏسڻو آهي ته پاناما فيصلي ۾ شاهدين بابت ڇا چيو ويو، پاناما ڪيس ۾ به اهڙا ئي سوال هئا، اسان جي سامهون بي بنياد دستاويز آيا. جنهن تي نعيم بخاري چيو ته عدالت چاهي ته دستاويزن جي تصديق ڪرائي سگهي ٿي، جسٽس عمر عطا چيو ته توهان پاناما ڪيس فيصلي کي پڙيو، اسان به ڏسون ٿا. نعيم بخاري چيو ته منهنجي اصيل عمران خان خلاف ڪو ڪيس نٿو بڻجي. جسٽس فيصل عرب چيو ته نيازي سروسز جي دستاويزن ۾ عدم مطابقت آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته 28 هزار پائونڊن جي انٽري اسٽيٽمنٽ جي اڳئين صفحي تي ناهي، 82 هزار پائونڊن جي انٽري صفحي نمبر 11 موجود آهي،  نيازي سروسز جا دستاويز فائل ڪيو. پي ٽي آءِ وڪيل نعيم بخاري چيو ته عمران خان ڪنهن به جاءِ تي يوٽرن ناهي ورتو، عمران خان جو بيان حلفي يادداشت تي ٻڌل آهي، انهن ڪيسن ۾ منهنجو بلڊ پريشر 160 کان به وڌيڪ ويو، روزاني ورزش ڪندو آهيان، عدالت اجازت ڏئي ته هاڻ آرام ڪندس، نعيم خباري جو چوڻ هو ته ٽي وي تي اڪرم شيخ بابت غلط ڳالهائڻ تي معافي ٿو گهران. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ جو چوڻ هو ته مون کي گاريون ڏنيون، نعيم بخاري معافي نه به گهري تڏهن به ڇا ٿو ڪري سگهان. ان تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اڪرم شيخ سٺي انداز ۾ دليل ڏنا، ڪنڊڪٽ جي تعريف ڪندو آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *