عمران نيازي نريندر مودي جي زبان ڳالهائڻ بند ڪري: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران نيازي نريندرا مودي جي زبان ڳالهائڻ بند ڪري. دشمن ملڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ عمران نيازي هڪ خطرناڪ ايجنڊي تي هلي رهيو آهي. هن جو مقصد ملڪ ۾ افراتفري، انارڪي ۽ شرانگيزي پکيڙڻ آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ڪنهن به صورت قبول نه ڪندو ته عمران نيازي ملڪ جي اهم ترين ادارن جي خلاف غليظ  زبان استعمال ڪري. پاڪستاني عوام، فوج، عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي ۽ جيڪڏهن عمران نيازي نفرت انگيزي ايجنڊي کان پاسو نه ڪيو ته محبت وطن عوام عمران نيازي جي ان ايجنڊي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته عمران خان جي سياست ڪوڙ کان شروع ٿي ڪوڙ تي ختم ٿيندي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي جا اعليٰ عهديدار، وزير ۽ اسيمبلي ميمبر فيصلو ڪن ته هو پاڪستان سان بيٺا آهن يا ملڪ کي نقصان رسائيندڙ عمرا نيازي سان گڏ بيٺا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *