عمران فاروق قتل ڪيس: جوابدار معظم علي خان 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران فاروق قتل ڪيس جي مـُک جوابدار معظم علي خان کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو. رينجرز سخت سڪيورٽي ۾ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار معظم علي خان کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي رينجرز معظم علي جي چهري تي ڪپڙو  ڍڪيو هو. رينجرز طرفان عدالت کان دهشتگردي خلاف ايڪٽ تهت جوابدار جي ريمانڊ جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪندي معظم علي خان کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته معظم علي کي ڪراچي جي علائقي عزيز آباد مان حراست ۾ ورتو ويو هو جڏهن ته ايم ڪيو ايم طرفان جوابدار کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *