عمران فاروق قتل ڪيس: برطانوي حڪومت ڏوهاري گهرڻ جو مطالبو ناهي ڪيو: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزيرچوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته برطانوي حڪومت عمران فاروق قتل ڪيس جي ڏوهارين جي باضابطا گهر ناهي ڪئي، ان ڪري جيڪڏهن هن اها گهر ڪئي ته ان تي غور ڪيو ويندو. گهرو وزارت جي ذريعن مطابق پاڪستان ايندڙ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي 2 رڪني ٽيم عمران فاروق قتل ڪيس جي اهم ڏوهاري معظم علي کان جاچ پوري ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي ٽيم کي هڪ ٻئي ڏوهاري تائين پهچ ڏني وئي آهي. گهرو وزارت  جي هڪ ٻئي آفيسر ٻڌايو ته ٽيم ٽئين ڏوهاري تائين پهچ جي درخواست به ڪئي آهي. سيڪيورٽي اختيارين جو به اهو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا معظم علي خان ۽ ٻين جي بدلي بلوچ ڌار رهندڙن جي حوالگي تي به غور ڪري رهي آهي.بي بي سي جي رپورٽ جي حوالي سان جاچ ڪندڙ ايڦ آئي اي جي هڪ آفيسر جو چوڻ آهي ته اسان“ ڪجهه ڏيو، ڪجهه وٺو” جي پاليسي تي هڪٻئي سان سهڪار چاهيون ٿا.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر انعام غني جي قيادت ۾ ايف آئي اي جي 2 رڪني ٽيم عمران فاروق قتل ڪيس ۽ ايم ڪيو ايم جي ڳجهي ايجنسي کان فنڊ وٺڻ جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ مهيني ۾ گهرو وزارت کي رپورٽ پيش ڪندي.جڏهن ته ٽيم اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي بريفنگ به ڏئي چڪي آهي. سيڪيورٽي اسٽيبليشمينٽ حڪومت کي بلوچن ۽ ايم ڪيوا يم جي اعليٰ قيادت جي حوالگي جي حوالي سان به صکاح ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *