عمران فاروق قتل لاءِ لنڊن مان هدايتون ڏنيون ويون: جوابدار خالد شميم جا انڪشاف

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار خالد شميم قومي سلامتي جي اداري جي جاچ وقت ڪيترائي اهم راز ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ذريعن مطابق واٽر بورڊ جي آفيسر خالد شميم ٻڌايو ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل لاءِ کيس هدايتون سڌي طرح لنڊن مان ڏنيون ويون، جڏهن ته ان قتل جي رٿابندي به لنڊن ۾ ڪئي وئي، هن عمران فاروق کي قتل ڪندڙ محسن ۽ ڪاشف سان ملاقات ڪراچي جي سينٽرل ضلعي جي هڪ هوٽل ۾ ڪئي جنهن کانپوءِ هن ٻنهي کي معظم علي سان ملايو، خالد شميم جو چوڻ هو ته معظم جي ڪمپني ۾ نوڪري دوران هو معظم جي نگراني به ڪندو رهيو، هن انڪشاف ڪيو ته عمران فاروق جي قتل جي عيوض ڪاشف ۽ محسن کي ڳجهه رقم ڏني وئي هئي، جاچ ذريعن مطابق جوابدار اهو به ٻڌايو ته محسن ۽ ڪاشف لنڊن ۾ ترسڻ دوران ان کي روزانو جي بنياد تي هڪ ٽيليفون ڪال ۽ 2 اي ميلز اماڻيندو هو جنهن ۾ سي آءِ ڊي بابت تفصيل هوندو هو، جوابدار انڪشاف ڪيو ته هن کي محس ۽ ڪاشف ڪراچي پهچڻ تي قتل جا اطلاع مليا جنهن تي هو ان سان ملڻ سريلنڪا ويو، جتي ڪاشف ۽ محسن کان ان عمران فاروق قتل جو مڪمل تفصيل ورتو،هن چيو ته عمران فاروق جي قتل کانپوءِ کيس معظم جي فون جو بليڪ بري ختم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون جنهن تي هن معظم جو فون ٽوڙي ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *