عمران فاروق جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته بلوچستان حڪومت جي درخواست تي طبي بنيادن جي ڪري صولت مرزا ۽ عمر واري مسئلي تان شفقت حسين جي ڦاسي کي روڪيو ويو آهي، جڏهن ته برطانوي هاءِ ڪمشنر کي الطاف حسين جي انهن بيانن بابت آگاهي ڏني وئي آهي، جن ۾ هن فوج ۽ سڪيورٽي فورسز جي باري ۾ ڳالهايو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته عمران فاروق جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. هن ايوان کي ٻڌايو ته صولت مرزا جي ڦاسي کي بلوچستان حڪومت جي درخواست تي طبي بنيادن جي ڪري 72 ڪلاڪن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شفقت حسين جي ڦاسي کي روڪڻ جو سبب ان جي عمر جي حوالي سان سامهون ايندڙ مسئلا هئا. هن چيو ته برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات دوران هن الطاف حسين جي فوج ۽ سڪيورٽي ادارن خلاف ڏنل بيانن بابت کيس آگاهه ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *