عمران فاروق جي قاتلن کي سخت سزا ملڻ گهرجي : ڊاڪٽر فاروق ستار

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته عمران فاروق جي قاتلن کي سخت سزا ملڻ گهرجي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته انصاف ڪيئن ڪيو ويندو اعترافي بيانن سان صرف ميڊيا ٽرائيل جو پيٽ ڀري سگهجي ٿو خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ڪوئي به اهم قتل ڪيس آخري انجام تائين ناهي پهتو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انصاف جون گهرون پوريون ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *