عمران فاروق جا قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا، اميد آهي ته سنڌ سرڪار به ڊي جي رينجرز جي سفارشن تي قدم کڻندي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ رينجرز جي مثالي ڪارڪردگيءَ جي ڪري شهرين جو اعتماد بحال ٿيو آهي، رينجرز سرحدن ۽ ملڪ اندر ملڪ جي استحڪام جي جنگ وڙهي رهي آهي، قومي اهميت وارن معاملن تي سياست ڪرڻ قومي خدمت ناهي، سڄي ملڪ ۾ ضلعي جي سطح تي 70 نيون پاسپورٽ آفيسون قائم ڪيون وينديون، اسان 2 هزار بليو پاسپورٽ ضبط ڪيا آهن، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو مشن آهي، پاسپورٽ آفيس مان رشوت ۽ مافيا جو خاتمو ڪري ئي ساهه پٽينداسين. اڱاري ڏينهن اميگريشن اينڊ پاسپورٽ هيڊ ڪوارٽرز ۾ بريفنگ ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته رينجرز پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ امن امان لاءِ شهرن ۾ ڪارروايون ڪري رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌ رينجرز مثالي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن سان شهرين جو اعتماد بحال ٿيو آهي. سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي پڻ سٺي آهي پر ڪنهن کي ان خلاف خراب بيان نه ڏيڻ گهرجي. ڪراچي آپريشن جو ڪمانڊر سنڌ جو وڏو وزير آهي جيڪڏهن ڪنهن کي رينجرز کان شڪايت آهي ته وڏي وزير يا اپيڪس ڪميٽيءَ ۾ ڳالهه ڪري جيڪو ان جو لاڳاپيل فورم آهي. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان آرمي ترميمي آرڊيننس ۾ توسيع ڪئي وئي آهي، اهو آرڊيننس ان کان پهرين سمورين سياسي پارٽين اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو، اهو آرڊيننس قومي ايڪشن پلان جو حصو آهي، قومي معاملن کي سياست جي ور چاڙهڻ قومي خدمت ناهي. هن چيو ته عمران فاروق جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ اسڪاٽ لينڊ يارڊ سان تعاون جاري آهي ۽ اسان جو مقصد قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ آهي. گورنر سنڌ جي تبديلي جي ڪابه تجويز غور هيٺ ناهي. هن چيو ته پاڪستان خلاف هٿيار کڻندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته بلوچستان ۾ وزيراعليٰ کي ڳالهين جو مينڊيٽ مليو آهي. هن چيو ته اسان 2 هزار کان وڌيڪ بليو پاسپورٽ ضبط ڪيا آهن، جنهن سان ملڪ جو تشخص مجروح ٿي رهيو هو، اسان پاسپورٽ سسٽم ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ چاهيون ٿا. ان کان اڳ اميگريشن اينڊ پاسپورٽ جي ڊائريڪٽر جنرل عثمان اختر باجوا، گهرو وزير کي آٽو پاسپورٽ ڊليوري ايس ايم ايس سروس بابت بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *