عمران طرفان ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ واري ڊوڙ ٿُڪَ چِٽڻ جي برابر آهي: سعد رفيق

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق يو آهي ته عمران خان جي ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ٿڪ اڇلي پوءِ چٽڻ برابر آهي مون کي نئين قانون مطابق ٻيهر ڳڻپ جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي واضح ٿي ويو ته داخل ۾ ڪارو نه آهي پر سڄي دال ئي ڪاري آهي هن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته تڪ اين اي 131 تان عمران خان کي 680 ووٽن تان ڪامياب ٻڌايو ويو هو 2835 رد ٿيل ووٽن ۽ صرف پنج پولنگ اسٽيشن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ عمران خان جا 78+39=117 ووٽ گهٽ ٿي چڪا آهن خواجه سعد رفيق چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو مون کي نئين قانون مطابق ٻيهر ڳڻپ جي بينادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڏينهن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ عمران خان جا بوگز ووٽ نڪتا ته ڳڻپ روڪرائڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويو خواجه سعد رفيق چيو ته عمران پنهنجي بوگز ڪاميابي جي اصليت پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏي هن چيو ته عمران جي ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ٿڪ اڇلائي وري چٽڻ برابر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *