عمران صاحب توهان عوام جي سمنڊ کان ڊڄي ڀڄي رهيا آهيو، ڀل ڪيترو ماتم ڪريو توهان کي اين آر او نه ڏينداسين: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته توهان عوام جي سمنڊ کان ڀڄي رهيا آهيو،. ڀل ڪيترو به منهن مٿو پٽيو توهان کي اين آر او نه ڏينداسين،. عمران خان اسلام کي پنهنجي ڪوڙي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ تي الله سائين کان معافي وٺي، جمعي تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان تقرير، جادو، ڌمڪي، گار گند ۽ هاڻ ڪو به ڪوڙ توهان کي ڪم نه ايندو، توهان کي گهر وڄڻو پوندو، عمران خان پاڪستان جو عوام توهان جي ڪوڙ کان آزادي چاهي ٿو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو رڪارڊ ڏسو ته پتو پئجي ويندو ته ڪنهن ڪٿان پيسا ورتا ۽ ڪير ڪنهن جو ايجنٽ آهي، هن چيو ته توهان جي هوندي ملڪ جي تباهي لاءِ ڪنهن جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته عمران خان توهان جا پٽ ڪٿي آهن ان بابت عوام کي ڄاڻ ڏيو، هن چيو ته نڪ جي پڪائي سان ڪوڙ ڳالهائڻ تي عمران صاحب کي آسڪر ايوارڊ ملڻ گهرجي، هن چيو ته ٽيم کي نااهل سربراهه مليو آهي، ڪا به ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري سگهي، هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ توهان ڪرپشن جا ريٽ ٽيڻ تي، مهانگائي 13 سيڪڙو ۽ غريب جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته آزادي مارچ توهان جو ڪوڙ، ڌاڙو ۽ چوري کي وائکو ڪرڻ آيو آهي، توهان جي وڄڻ جو وقت اچي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *