عمران خان 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪا به ٽيڪس نه ڏيندو هو، الزام لڳائڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪا به ٽيڪس نه ڏيندو هو، نجڪاريبورڊ جي چيئرمين محمد زبير جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جا 82 سيڪڙو چونڊيل نمائندا ٽيڪس چور آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز رشيد چيو ته الزام لڳائڻ کان پهرين عمران خان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت هاڻي قرض ڏيڻ ۽ معاف ڪرڻ وارو معاملو ختم ڪري ڇڏيو آهي، ان معاملي کي بئنڪن تي ڇڏي ڏنو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نجاري بورڊ جي چيئرمين محمد زبير چيو ته تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين وٽ 90 واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه به نه هو. هن چيو ته چوڌري ڀائرن ۽ جهانگير ترين پنهنجا قرض معاف ڪرايا. محمد زبير جو چوڻ هو ته جهانگير ترين ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ امير ماڻهو آهي، هن 24 ڪروڙ 70 لک رپيا قرض معاف ڪرايو. هن چيو ته کين پڇڻ جو حق آهي ته تحريڪ انصاف قيادت امير ڪيئن ٿي؟ نجڪاري بورڊ جي سربراهه چيو ته ڪا به ڪمپني سياسي پارٽي کي فنڊز نه ٿي ڏئي سگهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *