عمران خان 30 نومبر تي اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو منصوبو جوڙيو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد عمران خان کي چيو آهي ته هو تشدد بدران ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پارلياماني جمهوري سياست ڪري. هو ڪالهه آچر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين علي خان به موجود هو. پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز تي حملي ۽ عمران خان جون اشتعال انگيز تقريرون به ڏيکاريون ويون. وفاقي وزير چيو ته اهي سموريون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز تي حملو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڪيو، عمران خان پاڻ کي پي ٽي وي تي حملي کان آجو قرار نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته عمران خان 14 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر 2014ع تائين اشتعال انگيز تقريرون ڪيون جن جي نتيجي ۾ غنڊه گردي ۽ حملن جا واقعا ٿيا. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته حقيقتن مان ثابت ٿيو آهي ته پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز تي حملو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن عمران خان جي حڪم تي ڪيو. هن چيو ته وڊيو فوٽيج سان عمران خان جو اصل چهرو سامهون اچي ويو آهي جنهن حملي آورن کي پنهنجا ٽائيگرز قرار ڏنو جيڪي پي ٽي آءِ جا جهنڊا کنيل هئا. هن چيو ته حملي کانپوءِ عمران خان کي پنهنجي ڏوهه جو احساس ٿيو، هن چيو ته گرفتار ٿيل حملي آورن کي عمران خان پنهنجي گاڏي بيهاري پوليس جي حراست مان ڇڏرايو جن جي وڪالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن ڪئي ۽ 50، 50 لک جا سندن ضمانتي مچلڪا پي ٽي آءِ جي اڳواڻن داخل ڪرايا. وفاقي وزير چيو ته عمران خان ٻڌائي ته ڇا هو ننڊ ۾ بيان ڏي ٿو يا جاڳندي. عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي چيو ته پي ٽي وي، وزيراعظم هائوس تي حملو ڪريو، سرڪاري عمارتن تي قبضو ڪريو، عمران خان ان ڏينهن ڌمڪي ڏني ته اڄ سڄو پاڪستان بند ٿي ويندو. عمران خان اهو به چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو ته منهنجا ٽائيگرز جيڪو ڪندا ان جا ذميوار توهان هوندا. عمران خان پنهنجي ٽائيگرز کي پوليس حراست مان ڇڏرايو، ڪنٽينر تي بيهي طاهرالقادري کان مبارڪون وصول ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد ساهيوال جي جلسي ۾ چيو ته پوري ملڪ کي ڪيرائي ڇڏيو، وڳوڙ ڪريو، ڇا عمران خان شيخ رشيد جي تقرير دوران ننڊ ۾ هو، جيڪڏهن ننڊ ۾ هو ته پوءِ شيخ رشيد سان تعلق ختم ڪري، جيڪڏهن جاڳي رهيو هو ته پوءِ شيخ رشيد جي ڌمڪين سان جيڪو نقصان ٿيندو ان جو ذميوار عمران خان هوندو. هن چيو ته عمران خان هاڻي پي ٽي وي تي حملي کان جان ڇڏرائڻ جي ڪوشش لاءِ چئي رهيو آهي ته هو ته ان وقت ستو پيو هو. سڀاڻي وڌيڪ واقعن مان سندس جان ڇڏرائڻ مشڪل ٿي ويندو. هن عمران خان کي چيو ته بهتر آهي ته هو تشدد جي سياست ختم ڪري پارلياماني جمهوري سياست ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن حملي آور عمران خان جا ڪارڪن نه هئا ته کين ڇو ڇڏرايو ويو. هن چيو ته عمران خان هاڻي صفايون ڏيڻ بدران اشتعال انگيزي ختم ڪري ۽ اهو به ٻڌائي ته ڇا هو شيخ رشيد جي تقرير کي own ڪري ٿو يا نه، عمران خان اعلان ڪري ته هو ماڻهن کي تشدد جي لاءِ نه اتساهيندو، اشتعال انگيزي نه ڪندو ۽ وڳوڙ واريون ڳالهيون نه ڪندو. هن چيو ته طاهرالقادري انقلاب ڌرڻو ڇڏي پنهنجي پاسپورٽ جي تجديد لاءِ هليو ويو، سندس انقلاب جي قيمت پاسپورٽ جي تجديد آهي، پاڪستان جي عوام انهن ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻي ورتو آهي. عمران خان ڪنٽينر تي بيهي ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو، وفاقي وزير چيو ته جمهوري رستو صبر وارو پر پائيدار هوندو آهي. هن چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته آئين تڪ کولڻ جو اختيار وزيراعظم کي نه ٿو ڏي، اهو اليڪشن ڪميشن جي صوابديد تي آهي، هن چيو ته جڏهن ملڪ اقتصادي طور تي زبون حالي جو شڪار هو ته ان وقت ڪنهن کي انقلاب ياد نه آيو، حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ هاڻي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، چين توانائي سميت مختلف شعبن لاءِ 42 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، اسلام آباد ۾ تازي پرڏيهي سيڙپڪاري ڪانفرنس معاشي بهتري جو ثبوت آهي، هر شعبي لاءِ سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماحول موجود آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عدالت عمران خان جي مستقبل جو فيصلو ڪندي، آچر ڏينهن جهلم ۾ فائرنگ جي واقعي بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) يا حڪومت جو ان واقعي سان ڪو تعلق نه آهي ظاهري طور تي اهو فائرنگ جي مٽاسٽا جو واقعو آهي جنهن کي هڪ ڌر تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته فائرنگ واري واقعي جي جاچ جاري آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *