عمران خان 15 ڪروڙ رپين جي آفر ڪندڙ شخص بابت قوم کي آگاهه ڪري، اهو ماڻهو قوم جو مجرم آهي: رحمان ملڪ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) اڳوڻي گهرو وفاقي وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته عمران خان 15 ڪروڙ رپين جي آفر ڪندڙ ماڻهو جي نالي کان قوم کي آگاهه ڪري، اهو شخص قومي مجرم آهي، خيبرپختونخواهه جي روايت مطابق اهڙي ماڻهوءَ جو منهن ڪارو هئڻ گهرجي، خيبرپختونخواهه ۾ هارس ٽريڊنگ بابت عمران خان آصف زرداري کي فون ڪري مدد طلب ڪئي، پيپلز پارٽي هارس ٽريڊنگ تي يقين نٿي رکي، ان لاءِ سنڌ ۾ آزاد نموني اليڪشن ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته اليڪشن ٿي رهي آهي، هي جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن ته اهو چوڻ ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ جمهوريت تان خطرا ٽري ويا آهن تمام گهڻو مشڪل آهي، اسان جي خواهش آهي ته حڪومت 5 سال پورا ڪري، عوام ان کي 5 سالن لاءِ چونڊيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪي پي ڪي ۾ هارس ٽريڊنگ جو حصو نه آهيون، اهو نتيجن مان ثابت ٿي ويندو، جيتري قدم 3 اميدوار بيهارڻ وارو معاملو آهي ته اسان اهي اميدوار ڇو بيهاريا آهن، قانون ۾ ان بابت ڪا به پابندي نه آهي. هن چيو ته عمران خان عقل مندي جو مظاهرو ڪري ۽ چونڊيل ميمبرن کي بدنام نه ڪري، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جا ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪن ٿا يا نه اهو فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته عمران خان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻو پوندو ته هو پنجاب ۾ بائيڪاٽ ۽ سنڌ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ گهري ٿو، مان مطمئين آهيان ۽ اميد آهي ته ڪامياب ٿيندس.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *