عمران خان ۽ نريندر مودي وچ ۾ پهرين ملاقات ڪرغزستان ۾ ٿيڻ جو امڪان

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ڀارتي هم منصب وچ ۾ پهرين ملاقات ڪرغزستان ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. عالمي خابرو اداري موجب ڪرغيزستان ۾ 13 ۽ 14 جون تي ٿيل شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي سائيڊ لائن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ نريندر مودي ۾ ملاقات جو وڏو امڪان آهي.  ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعن پاڙيسري ملڪن جي سربراهن ۾ ٿيل پهرين ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي ملڪن جون اختياريون ملاقات جي ايجنڊا جي تياري ۾ مصروف آهن. وزيراعظم عمران خان جي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اها پهرين ملاقات هوندي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي پهرين خطاب ۾ به چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت هڪ وک کڻندو ته پاڪستان ٻه وکون وڌندو. وزيراعظم عمران خان اليڪشن کٽڻ کانپوءِ وزيراعظم نريندر مودي کي فون ڪري مبارڪباد پيش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *