عمران خان ۽ طاهر القادري جي گرفتاري جو حڪم جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ٻنهي کي اشتهاري جوابدارن جي ملڪيتن جي ضبطي لاءِ واسطيدار ٿاڻن ۽ روينيو کاتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جمعي تي دهشتگردي خاتمي واري عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند عمران خان ۽ طاهر قادري خلاف دهشتگردي جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ٻنهي جي مسلسل غير حاضري تي ملڪيت جي ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، اي ٽي سي اسپيشل ڪورٽ جي جج ٻنهي اشتهاري جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ واسطيدار ٿاڻن ۽ روينيو کاتي کي نوٽيس جاري ڪيا، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 20 جولاءِ مقرر ڪئي آهي، ياد رهي ته 2014 ۾ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڌرڻي دوران مڇريل ماڻهن پهرين سيپٽمبر تي پي ٽي وي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *