عمران خان ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين دوران جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي منظر عام تي آندو وڃي: نثار احمد کهڙو

لاهور (م.ڊ) سنڌ جي سينيئر ۽ تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان ۽ حڪومت وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن انهن کي منظر عام تي آڻڻ گهرجي، دنيا جو قانون آهي، جيستائين ڏوهه ثابت نه ٿئي تيستائين سزا نه ڏيو، جيڪڏهن ڪنهن جي مرضي جا نتيجا نه آيا ته ڇا ٿو چئي سگهجي، اسان ڪڏهن اڪيلي سر اڏڻ جو سوچيو ئي نه هو، بلاول هائوس لاهور کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب وڏو صوبو آهي، اسان ننڍا صوبا محرومين جو شڪار آهيون، سنڌ محرومين سان منهن ڏئي رهي آهي، مشڪل مان نڪرڻ ۾ وقت ته لڳندو، اسان ارڙهين ترميم بحال ڪري آئين کي اصل شڪل ڏني، هڪ سوال جي جوب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم خود حڪومت کي ڇڏيو ۽ پنهنجي مرضي سان ئي واپس ايندي، هن چيو ته پ پ نه ختم ٿيڻ واري پارٽي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *