عمران خان ۽ اشرف غني ملاقات،ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سان افغان صدر اشرف غني ملاقات ڪري ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ اشرف غني ۾ ون ٽو ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻطرف لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ افغان صدر اشرف غني کي وزيراعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. افغان صدر اشرف غني جي وزيراعظم آمد تي وزيراعظم عمران خان سندس آجيان ڪئي. افغان صدر اشرف غني کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم عمران خان اشرف غني جو پنهنجي عملي ۽ ڪابينا سان تعارف ڪرايو ويو. وزيراعظم هائوس ۾ افغان صدر اشرف غني ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون. ان کان اڳ  افغان صدر اشرف غني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغان امن عمل، واپار ۾ اضافي، معيشت، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، مواصلات ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن امن ۽ اخوت لاءِ افغانستان پاسڪتان حڪمت عملي کي عوام جي بهتري لاءِ ڪم آڻڻ تي اتفاق ڪيو.  پرڏيهي وزير وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام طرفان افغان صدر جي آجيان ڪندي چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻا جاگرافي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، افغان عوام ڪيترن ئي تڪليفن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي، افعانستان ۾ جٽادار امن، استحڪام ۽ خوشحالي پاڪستان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جي ضرورت تي هميشه زور ڏيندو رهيو آهي، افغان امن اعمل لاءِ کليل دل ۽ نيڪ نيتي سان مصالحاڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو.  ان کان اڳ افغان صدر اشرف غني ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو. افغان صدر جي آجيان واپار وزير وزير عبدالرزاق دائود ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *