عمران خان گهرو ويڙهه، انتشار جي صورتحال پيدا ڪرڻ گهري ٿو: مرادعلي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران نيازي جي دور ۾ سمورا ادارا غير مستحڪم ٿيا عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ۽ ڏڦيڙ واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو آهي ته قومي سلامتي جي ادارن، عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن تي عمران خان جا حملا مذمت جوڳا آهن. جڏهن ادارا سگهارا ۽ معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ته عمران خان کي تڪليف آهي هن چيو ته عمران خان کان اقتدار آئيني طريقي سان ورتو ويو جيڪو ان جي سمجهه ۾ نه پيو اچي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته سياسي اختلافن کي ڪڏهن به ذاتي دشمني ۾ تبديل ناهي ڪيو ويندو. شڪست جو بدلو سياسي ميدان ۾ ورتو ويندو آهي هي عمران خان جا ادارن تي سياسي آپگهاتي حملا ان کي سياسي طور تي ختم ڪري ڇڏيندا هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي ادارن ملڪي سلامتي لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو ڏنو سيڪيورٽي ادارن جي خلاف عمران خانجا گٿا لفظ سندس سياسي پسماندگي جو ثبوت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *