عمران خان ڪِشتو کڻي واشنگٽن، رياض، بيجنگ ۽ دبئي ۾ گهمندو رهيو، ملڪي وقار کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو: بلاول

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي ٽن صوبن جي مخالفت جي باوجود ٽي پي ڪئنال کولڻ تي چيو آهي ته ٽن ننڍن صوبن جي اعتراض جي باوجود ٽي پي لنڪ ڪئنال کي کولڻ هڪ چڙ ڏياريندڙ عمل آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ سان ڪراچي، بدين، ٺٽو ۽ ٿر سميت سنڌ جي هيٺائين علائقن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي ويئي ٽي پي لنڪ کولڻ سان سنڌ جي بئراجن تي 42.28 سيڪڙو پاڻي گهٽجي چڪو آهي سنڌ پاڻي جي سخت کوٽ جي باوجود بلوچستان کي ان جي حصي جو پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي هن چيو ته پاڻي جي روانگي جي نگراني جي اداري ارسا ٽن صوبن جي ووٽ کي نظرانداز ڪري ٽي پي لنڪ ڪئنال کي کولي ڇڏيو سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ارسا جي 24 مئي جي اجلاس ۾ ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ جي خلاف ووٽ ڏنو هو ارسا سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجو کي چيئرمين رائو ارشاد ٽن صوبن جي مخالفت جي باوجود ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ جي سوال تي اڻوڻندڙ ورتاءُ ڪيو هو ٽي پي لنڪ ڪئنال کي 4 مئي تي کوليو ويو جڏهن ته سنڌ جي احتجاج کان پوءِ بنا دير بند ڪيو ويو هو.  ٻئي طرف  عمران خان ڪِشتو کڻي واشنگٽن، رياض، بيجنگ ۽ دبئي ۾ گهمندو رهيو، هُن ملڪي وقار کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين جي پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد، جاري ٿيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان قرضن تي ملڪي معيشت هلائي ايندڙ نسلن لاءِ کڏ کوٽي رهيو آهي، سخت شرطن تي قرض وٺي معيشت هلائڻ وارو تجربو مسئلا پيدا ڪندو، هن سال عمران خان 10 ارب ڊالرز جو پرڏيهي قرض وٺي چڪو آهي، عمران خان ملڪ جا فيصلا قرض ڏيندڙ ملڪن جي هٿن ۾ڏئي ڇڏيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *