عمران خان ڪوڙ ڳالهائي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان تجربي ڪار سياستدان ناهي. سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي غريب عوام سان ڪابه دلچسپي ناهي، عمران خان سان گڏ نچڻ وارا امير گهرن ۾ پيدا ٿيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هو ڪجهه ڏينهن لاءِ مهلت چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي جان کي خطرو آهي پر هر ڪنهن جي جان جي حفاظت ڪرڻ وارو الله ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *