عمران خان ڪرپٽ سرڪاري ڊاڪٽرن خلاف ڀرپور مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪرپٽ سرڪاري ڊاڪٽرن خلاف مهم هلائڻ جواعلان ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ مافيا بڻائيندڙن جي گهرن جو گهيرو ڪنداسين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي سزا ۽ جزا جا اختيار ڏينداسين، اسپتالن کي حڪومت جي ڪنٽرول مان ڪڌانداسين، پرائيويٽ اسپتالون پيسو ڪمائڻ جو هڪ ذريعو ۽ گهڻا ڊاڪٽر ۽ ميڊيسن مافيا بڻجي چڪا آهن، 29 ڊسمبر تي شوڪت خانم اسپتال پشاور جو افتتاح ٿيندو، شوڪت خانم پشاور ست ارب رپين جي لاڳت سان 3 سالن ۾ مڪمل ٿيندو، صوبي جي اسپتالن ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ڊاڪٽرن اسٽي آرڊرز ورتا آهن، سرڪاري اسپتالن جي خراب ڪارڪردگي جو فائدو پرائيويٽ اسپتالن کي ٿي رهيو آهي، بايو ميٽرڪ سسٽم تي ڊاڪٽرن اعتراض ڪيو، جڏهن ڊاڪٽرن کي ڪيمرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪيو ويو ته صورتحال خراب نڪتي ۽ گهڻا ڊاڪٽر ڊيوٽيون نٿا ڪن، سي ايم هائوس پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان اڄ دنيا جو قرضي ملڪ بڻجي ويو آهي، بنگلاديش اسان کان اڳتي وڃي رهيو آهي، هن چيو ته اسپتالن کي حڪومت بدران بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي حوالي ڪيو آهي جنهن سان صورتحال بهتر ٿيندي، سرڪاري اسپتالن جي خراب ڪارڪردگي جو فائدو پرائيويٽ اسپتالن کي ٿي رهيو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪئي ته ڊاڪٽرن ان جي خلاف ٿيا ۽ عدالتن مان اسٽي آرڊر ورتا، هن چيو ته ڊاڪٽرن سبب عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي، نااهل ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انهن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ويندو، ڊاڪٽر انسانيت خلاف ڪم نه ڪري، ڪرپٽ ڊاڪٽرن خلاف ڀرپور مهم هلائيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *