عمران خان کي زال ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي، مڙهڻو هو ته حڪومت ڪرڻ سيکاريو وڃي ها: مراد علي شاهه

گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي مڙهڻو هو ته حڪومت ڪرڻ سيکاري وڃي ها. گهوٽڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  جڏهن حڪومت نه هلائي سگهن ته اهو ئي ڪندا آهن جيڪو ڪري رهيا آهن، هي 100 ڏينهن يا جيترا ڏينهن به رهن هنن کان ڪجهه نه ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن سان دشمني ڪئي پئي وڃي، رڳو پ پ ئي اچي ماڻهن جي خدمت ڪندي.  سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار ٻن کان ٽن مهينن ۾ پنهنجو ڪم ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان کي مڙهڻو هو ته ڪم ڪرڻ سيکاري وڃي ها. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عمران خان کي زال ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي، مرشدياڻيءَ کي چئو کيس ٻڌائي ته حڪومت ڪئين ڪئي ويندي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *