عمران خان کي حڪومت جا سٺا ڪم ڏٺا نٿا ٿين، انڪري هن هاري پيڪيج جي مخالفت ڪئي. پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف جي هاري پيڪيج جي رد ٿيڻ تي حڪومتي صفن ۾ ڦڙڦوٽ متل آهي.وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته عمران خان کي حڪومت جا سٺا ڪم ڏٺا نٿا ٿين، انڪري هن هاري پيڪيج جي مخالفت ڪئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ هاريپيڪيج جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته عمران خان پنجاب ۾ ٽي هاري ڪنوينشن ڪوٺايا، ان تي حڪومت ڪوبه اعتراض نه واريو پر هن کي هاري پيڪيج پسند نه آيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم واعدي موجب زرعي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ زرعي جنسن چانورن ۽ ڦٽين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي، حڪومت هارين جي مدد ڪرڻ گهري پئي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته عمران خان کي اعتراضن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ايندو آهي. هن واضح ڪيو ته هاري پيڪيج هڪ تڪ لاءِ نه پر سڄي ملڪ لاءِ آهي. پرويز رشيد چيو ته عوامي مفاد جا منصوبا عمران خان کان هضم نٿا ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *