عمران خان کي اهڙي ڪميشن گهرجي جيڪا سندس مرضيءَ موجب فيصلا ڏئي : پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد، عمران خان کي يوٽرن جو بادشاهه قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪپتان جنهن ڪميشن تي اعتماد جو اظهار ڪيو، هاڻي ان تي ئي بي اعتمادي ظاهر ڪري پيو. عمران خان جي درخواست تي رد عمل ظاهر ڪندي پرويز رشيد چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه پنهنجي ٽن پريس ڪانفرنس ۾ لوڪل ڪميشن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته يوٽرن جي بادشاهه عمران خان هاڻي نئون يوٽرن ورتو آهي، ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ سربراهه عوام کي ڌانڌلي جي نالي تي گمراهه ڪري پيو.  پرويز رشيد چيو ته عمران خان کي اهڙي ڪميشن گهرجي، جيڪا سندس حق مرضيءَ موجب ۽ حق ۾ فيصلا ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *