آرمي چيف جو سعودي سفارتخاني جو دورو، پاڪستاني قوم ڏک جي گهڙي ۾ سعودي عوام سان گڏ آهي: جنرل راحيل شريف

اسلام آباد(بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سعودي سفارتخاني پهچي، لاڏاڻو ڪري ويل سعودي بادشاهه شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي آهي، پاڪ فوج جي سربراهه چيو آهي ته ڏکي جي هن  گهڙيءَ ۾ سعودي عوام سان گڏ آهيون. آرمي چيف جنرل راحيل شريف سعودي سفارتخاني اسلام آباد پهتو، جتي وقتي سعودي سفير جاسم الخالدي ۽ سفارتخاني جي دفاعي معاملن بابت مشير سندس آجيان ڪئي. آرمي چيف، سعودي بادشاهه شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي   تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. جنرل راحيل شريف، شاهه عبدالله جي لاڏاڻي کي وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو ته پاڪستاني قوم ڏکي جي هن گهڙي ۾ سعودي عوام سان گڏ آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *