عمران خان کان ته پنهنجو گهر ۽ جماعت نه ٿي سنڀالجي ۽ هليو آهي وڏي جماعت جي ليڊر کي سياست سيکارڻ: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ليڊر بڻائڻ جو مشورو ڏيندڙ عمران خان پهريان پاڻ ليڊر بڻجي ڏيکاري پوءِ ڪنهن کي مشورو ڏي. عمران خان کان تهپنهنجو گهر ۽ جماعت نه ٿي سنڀالجي ۽ هليو آهي وڏي جماعت جي ليڊر کي سياست سيکارڻ. جمعي ڏينهن پنهنجي جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته آمر جي حمايتي عمران خان طرفان سنڌ جي عوام کي ڪيڙو چوڻ جي مذمت ڪيون ٿا، ماضيءَ ۾ آمر مشرف سنڌ جي عوام کي جاهل چيو هو ۽ اڄ ان جي وڏي حامي عوام کي ڪيڙو چيو آهي. هن چيو ته عمران خان سنڌ جي عوام کي غلاميءَ مان آزادي ڏيارڻ جو مشورو پاڻ وٽ رکي ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جو عوام ئي هو جنهن ملڪ آزاد ڪرايو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي شاهه محمود قريشي کي مشورو ڏي ته هو پنهنجي ماڻهن کان پيرن تي هٿ نه رکرائي. هن چيو ته سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ڪنهن ٻئي نه پر آمرن ۽ انهن جي حوارين هنيو. هن چيو ته عمران خان ڀلي سنڌ جو دورو ڪري ڏسي کيس مهمانوازيءَ کان سواءِ سنڌ مان ڪجهه به نه ملندو. هن چيو ته سنڌ مان هاڻي راوڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي ان لاءِ آمرن ۽ انهن جي حوارين جو ڳٺ جوڙ پيپلز پارٽيءَ جو ڪجهه به نه ٿو بگاڙي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *