عمران خان ڀلي لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪري پر سوچي سمجهي ڳالهائي نه ته گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهندو: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي عمران خان ڀلي لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪري پر کيس خبردار ٿا ڪيون ته هو سوچي سمجهي ڳالهائي ۽ جيڪڏهن هن سنڌ جي عوام ۽ سنڌ تي وري حملو ڪيو ته پوءِ عوام آمر مشرف وانگر هن جو به مقابلو ڪندو ۽ هو گهر کان به ٻاهر نه نڪري سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته آمر مشرف جي پولنگ ايجنٽ عمران خان جي سنڌ جي عوام وٽ ڪا به گنجائش ناهي، ان ڪري هو سنڌ ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪري ۽ ڪي پي ڪي ۾ بهتري لاءِ قدم کڻي جنهن صوبي جو وڏو وزير صوبو ڇڏي سڄو ڏينهن  ڌرڻن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته  سنڌ جي عوام ۽ پيپلز پارٽيءَ ايم آر ڊي تحريڪ کان وٺي جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ هو به قرباني ڏئي پوءِ ليڊر چورائي، ايئر ڪنڊيشنڊ ڪنٽينر ۾ ويهي خطاب ڪرڻ سان ڪو به ليڊر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته  عمران خان ڪالاباغ ڊيم جو وڏو حامي آهي ۽ هو سنڌ جي مرضي بنا ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ وارو سياسي بيان ڏئي سنڌ جي عوام کي بي وقوف نه ٿو بڻائي سگهي ۽ نه ئي سنڌ جي عوام خلاف غلط زبان استعمال ڪري سنڌ مان حمايت حاصل ڪري سگهي ٿو. نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ هن پاران عمران خان خلاف پيش ڪيل مذمتي ٺهراءَ تي مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ ن جي ميمبرن نه صحيحون ڪيون نه ئي هڪ لفظ ڳالهايو پر خاموشي اختيارڪئي. هن چيو ته ڪجهه اخبارن پاران قرارداد تي ملسم ليگ فنڪشنل ۽ ملسم ليگ ن جي ميمبرن جي حمايت ڪرڻ وارين ڏنل خبرن تي افسوس آهي. هن چيو ته مون پاڻ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر ڏانهن قرارداد صحيح لاءِ اماڻي پر هن نه ان تي صحيح ڪئي ۽ نه ئي ان تي ڪجهه ڳالهايو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي معاملي تي ڪا به غلط ڳالهه برداشت نه ڪندي ۽ سنڌ جي عوام جي معاملي تي ايوان ۾ ملسم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ ن جي ميمبرن جي خاموشي سندن سنڌ سان محبت جي عڪاسي ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *