عمران خان پي ايس ايل فائنل ۾ شامل پرڏيهي رانديگرن کي ڦٽيچر قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پاڪستان سپر ليگ جو فائينل لاهور ۾ ڪرائڻ جي مخالفت کان پوءِ ڪروڙين پاڪستانين شوقينن جي دل کٽيندڙ پرڏيهي رانديگرن کي فٽيچر چيو آهي ميڊيا رپورٽ مطابق عمران خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هو پي ايس ايل فائينل ۾ شريڪ پرڏيهي رانديگرن جي حوالي سان ڳالهائيندي نظر آيو عمران خان چيو ته ٻن يا ٽن رانديگرن کي نه اچڻو هو باقي جيڪي فٽيچر رانديگر آهن انهن کي ته هونئن به اچڻو هو مان ته ڪنهن جو نالو به نٿو ڄاڻان جيڪي پرڏيهي رانديگر هتي آيا عمران خان پي ايس ايل چيئرمين نجم سيٺي ۽ انتظاميه تي تنقيد ڪندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اهي ڪٿان پڪڙي آيا هئا. ڪنهن کي آفريڪا کان وٺي آيا ته ڪنهن کي ڪٿان ۽ اسان کي خبر نه آهي ته اهي ڪير هئا پشاور ظلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي به فائنل ۾ شرڪت جي لاءِ لاهور اچڻ تي ڪريڊٽ ڏيڻ جي سوال تي عمران خان چيو ته جهڙي طرح جا پرڏيهي رانديگر هتي آيا اهي ته هونئن به اتي اچن وڃن ٿا توهان انهن کي پئسا ڏيو ته هو ڊيميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ به ايندا جيڪي وڏا ماڻهو آهن جيڪي وڏا نالا آهن اهي نه آيا ياد رهي ته گذريل مهيني ملڪ جي مختلف شهرن خاص طور تي لاهور جي مال روڊ تي آپگهاتي حملي کان پوءِ صوبي جي گادي واري هنڌ ۾ پي ايس ايل 2017 جو فائينل مشڪل ٿيندي نظر اچي رهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *