عمران خان پنهنجي حقيقي ڏوهن تي قوم کان ڪڏهن معافي گهرندو؟ پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ميان افتخار جي گرفتاري سياسي انتقام جو بدترين مثال آهي، جيڪو تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان قائم ڪيو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ميان افتخار جي گرفتاري مان واضح ٿئي ٿو ته خيبرپختونخوا پوليس ۽ انتظاميه ٻئي عمران خان جي چوڻ تي ڪم ڪري رهيون آهن ، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊ عمل ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ٿيون، جنهن جو مثال ڪٿي نٿو ملي، هن چيو ته مڪاني چونڊن دوران عمران خان جي وزيرن جيڪي ڏوهه ڪيا انهن ۾ تعزيرات پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي شق نه آهي جيڪا ان تي لاڳو نه ٿيندي هجي. وفاقي وزير چيو ته ٻين تي ڪوڙا الزام لڳائيندڙ عمران خان پنهنجي حقيقي ڏوهن تي قوم کان ڪڏهن معافي گهرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *