عمران خان پارٽي جا ڳجها دستاويز ميڊيا کي ڏيڻ جي معاملي تي نوٽيس ورتو، ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي جا ڳجها دستاويز ميڊيا کي ڏيڻ جي معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي ملوث پارٽي عهديدارن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، عمران خان پارٽي جي سمورن سينيئر ۽ ٻين عهديدارن کي وارننگ ڏني آهي ته اهي آئينده اهڙي قسم جو پارٽي عهديدار اهڙي حرڪت ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، جاري بيان ۾ هن چيو ت تحريڪ انصاف واحد جمهوري پارٽي آهي، جڏهن ته ڊسپلين جهڙن اصولن تي سوديبازي ممڪن نه آهي، احتساب ۽ ڪارڪنن جي عمل جي جاچ پڙتال تحريڪ انصاف جي ئي وڏائي آهي جنهن لاءِ باقائده نظام تيار ٿي چڪو آهي، ان جو اهو مطلب نه آهي ته پارٽي جي قيمت تي اندروني سرگرمين کي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو وڃي، تحريڪ ان ڳالهه کي برداشت نه ڪندي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي ويندي. جاري ڪيل پڌرنامي مطابق تحريڪ انصاف جي چيئرمين اليڪشن ٽربيونل بابت بيان ۽ دستاويز جي ميڊيا تائين پهچ جو سخت نوٽيس ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *