عمران خان پارليامينٽ مان ڀڄڻ چاهي ٿو پر کيس فرار ٿيڻ نه ڏنو ويندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي سان پارليامينٽ جي فيصلن تي ٺپو لڳائي ڇڏيو آهي، عمران خان پارليامينٽ مان ڀڄڻ چاهي ٿو پر کيس فرار ٿيڻ نه ڏنو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته آئيني ترميمن بابت پارليامينٽ جو فيصلو سٺو سنوڻ آهي. هـُن چيو ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي بالادستي کي ڏسندي 18 هين ۽ 21 هين ترميمن بابت فيصلو ٻڌايو آهي، رياست ۽ ملڪي نظام جو مضبوط ٿيڻ ملڪ لاءِ بهتر آهي. خورشيد شاهه چيو ته سڀني پارٽين کي 21 هين ترميم تي خدشا هئا پر آصف علي زرداري /سڀني ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪيو. اپوزيشن ليڊر چيو ته عمران خان هاڻي پارليامينٽ مان ڀڄڻ چاهي ٿو، کيس فرار ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *