عمران خان پاران عدليه کي بچائڻ لاءِ روڊن تي اچڻ جو اعلان

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن پارليامينٽ کي عدليه خلاف استعمال ڪيو ته روڊن تي نڪرنداسين: پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن عدليه تي حملو ڪيو ويو هو، 1988ع ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪوئيٽا بئنچ تي پئسا هليا، هاڻي سپريم ڪورٽ خلاف پارليامينٽ کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ ن هڪ اداري کي ٻي اداري جي تباهي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي موقعو ڏنو،  کيس عدالت جيترو صفائي جو موقعو فراهم ڪيو اوترو ڪنهن کي نه مليو آهي. عمران خان چيو ته اسان عدليه کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪرنداسين. هن چيو ته عوام جا پئسا عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن، مان نه ٿو چاهيان ته عوام جو پئسو پاڻ تي استعمال ڪيا، ڪي پي حڪومت جو هيليڪاپٽر پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو، نواز شريف ٻڌائي ڇا مريم نواز ۽ سندس ٻارن لاءِ مسلم ليگ ن جو جهاز استعمال نه ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ واڪ هلي رهيا آهن، هڪ سينيٽر جي بدلي 40 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي پئي وڃي، اسان ڪي پي مان 6 سينيٽر نامزد ڪيا ۽ اسان جا سمورا سينيٽر ساڻن گڏ بيٺل آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *