عمران خان ٻڌي ڇڏي ته ڀاڙي جي ماڻهن سان ايجنڊا مڪمل نه ٿيندي: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر خواجه محمد آصف ايندڙ مالي سال 2019-20 جي بجيٽ تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان ٻڌي ڇڏي ته ڪرائي جي ماڻهن کان ايجنڊا مڪمل نه ٿيندو ان جو پاڪستان ۾ ڪوبه اسٽيڪ نه آهي انهن جون ڏور ڪٿان کان هلائي وڃي ٿي توهان تنقيد ڪيو ٿا ته اهي علاج لاءِ ٻاهر وڃن ٿا ۽ توهان معيشت جو علاج ٻاهران ڪرائي رهيا آهيو ۽ ماضي جا ناڪام ماڻهو ٻاهران وٺي آيا آيو ٺاهه جي ڳالهه ڪئي وڃي ته چيو وڃي ٿو ته اين آر او گهري رهيا آهن نوازشريف جون پاڙون ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيون آهن اسان مخالفن سان ڪوبه اهڙو ورتاءُ نه ڪيو هو آئين جي حرمت کي پائمال ڪيو ويو ته وفاق کي خطرو ٿيندو پارليامينٽ جي ڪشيدگي ۾ انهن ماڻهن جو ڪردار ۽ انهن جو هٿ آهي جيڪي پنهنجون وفاداريون تبديل ڪري ڇڏين ٿا چور دروازن کان سياسي پارٽين ۾ اچڻ وارن جو اڳين سيٽن تي ويهارڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي منهنجو واسطو ضياءالحق سان هو اڄ ڏينهن تائين ان جي خلاف هڪ جملو به نه ڳالهايون اسان جي اکين ۾ شرم ۽ حياء آهي اڄ به اهڙا ماڻهو آهن جن پهريان بيت ورتي اڄ تقرير ڪري انهيءَ ليڊر کي گاريون ڏين ٿا جمعي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ بجيٽ تي بحث جو سلسلو جاري رهيو ۽ اپوزيشن ميمبرن پاران حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي ليگي اڳواڻ خواجه آصف بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته اسان ٺاهه صفائي يا امن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان جو مطلب ڪجهه ٻيو ورتو پيو وڃي. اين آر او وٺڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي پر اسان خلوص سان گڏ چاهيون ٿا ته اها اسيمبلي عزت ۽ وقار سان هلي ڇو ته ان جي مقابلي ۾ جڏهن سينيٽ جي ڪارروائي ڏسندا آهيون ته سڪون ملندو آهي ڇو ته اتان جي حالت ڪجهه بهتر آهي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن اسان سان گڏ ايوان ۾ ڪشيدگي جو ماحول نه بڻايو وڃي ته اسان وٽ ڪوبه سبب نه آهي ته اسان ان جي ڪارروائي ۾ ڪا رڪاوٽ وجهون ڇو ته ايوان جي ڪشيدگي سان سڄي ملڪ ۾ اهڙي فضا ڦهلجي وڃي ٿي پنهنجي قائد نوازشريف جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جهڙي طرح نوازشريف کي هٽايو ويو ۽ سندس کي قيد ڪيو ويو ان جي باوجود ان جون پاڙون ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيون آهن خواجه آصف چيو ته جڏهن آئين ضد ۾ اچي ويندو يا ان جو احترام نه ڪيو ويندو ۽ ان جي حرمت کي پائمال ڪيو ويندو ته پوءِ وفاق کي خطرو ٿيندو. ملڪ جي وحدت کي خطرو ٿيندو هن چيو ته نوازشريف کي ڪابه لالچ نه آهي جو هو چوٿيون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم بڻجي اهو پاڪستان جي عوام جو حق آهي ته هو اسان جي پارٽي کي اقتدار ڏي ٿي يا نه. اهو معاملو عوام تي ڇڏيو ويندو آهي. هن چيو ته اسان جي جدوجهد ۾ ميثاق جمهوريت جو سنگ ميل آيو عدليه بحالي جي جدوجهد جو سنگ ميل آيو، خواجه آصف چيو ته نوازشريف هن ملڪ کي انڌيرن مان ڪڍيو هن چيو ته اڄ اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل ماڻهن کي ڏٺو وڃي ته سڀاڻي هو اسان پاران به ڳالهائڻ عزت افزائي سمجهندا هئا جڏهن ته ان کان اڳ هو شوڪت عزيز جي حڪومت ۾ ڳالهائڻ عزاز سمجهندا هئا ان عمل کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن سياست جو احترام بحال ڪرڻو آهي ته اهڙن ماڻهن کي پارٽي ۾ اها جاءِ نه ڏيو جيڪا رسوائي جو سبب بڻجي. خواجه آصف چيو ته ذاتي مفادن لاءِ وفاداريون تبديل نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته اسان جي معيشت جو زوال رڪيل نه آهي حڪومت جي ايڏي وڏي معاشي ٽيم جي هوندي معيشت ڪري پئي. اسان ان لسٽ مان نه نڪتاسين پر هن بليڪ لسٽ کان بچڻ لاءِ اسان کي وقت ڏنو آهي هاڻي ته اورسيز پاڪستاني به ڪنن ۾ هٿ وجهن ٿا. هن چيو ته حڪومت جي پهرين صف ۾ مسافر ويهن ٿا هن چيو ته ناڻي واري وزير کان پڇا ڪئي ويئي ته هو جڏهن به اقتدار مان خارج ٿيو هن پنهنجو وقت ڪٿي گذاريو بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي حڪومتي ميمبر فخر امام چيو ته زراعت جي شعبي کي پهريون ڀيرو ڪنهن سنجيدگي سان ورتو آهي هن چيو ته آبادي جي لحاظ کان اسان پنجين نمبر تي آهيون پر معاشي طور تي تمام پوئتي آهيون. آءِ ايم ايف مان جان ڇڏائڻ لاءِ واحد فصل ڪپهه جو آهي هن چيو ته تماڪ تي لڳايل ٽيڪس به گهٽ ڪيو وڃي. مڊل مين جو ڪردار گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي حڪومت جي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي اسامه قادري چيو ته آصف علي زرداري ٻڌائي ته ماضي ۾ ان جي اڪثريت ۽ سوچ جي سطح نه هجڻ جو مطلب ڇا هو هن چيو ته آصف زرداري جي ذهن ۾ رهي ته اسلحو ۽ اڪثريت جي ڌمڪي کان اسان نٿا ڊڄون هن چيو ته مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪرايو ۽ هاڻي هتي اين آر او گهريو پيو وڃي. ملڪ کي لٽڻ وارا چئي رهيا آهن ته پويون حساب ڪتاب ختم ڪيو وڃي هاڻي خصوصي عدالتون ان ڪرپشن ڪيسن تي تيزي سان فيصلو ڪن. ان ڪرپٽ ماڻهن کان قومي ناڻو ورتو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *