عمران خان يوٽرن خان آهي، چونڊيل حڪومت ڪيرائي وزير اعظم ٿيڻ ٿو چاهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قبضن خلاف هلندڙ مهم ڪنهن هڪ جماعت يا هڪ ضلعي ۾ ناهي پر سڄي سنڌ ۾ جاري آهي ۽ ان وقت تائين جاري رهندي ، جيستائين قبضن جو مڪمل خاتمو نه ڪيو ويندو.ڪي ايم سي سميت ٻيا بلديات کاتي جا آفيسر موڪلن تي ويا آهن موڪلون ختم ٿيندي ئي واپس ايندا. ميڊيا ان ڳالهه کي ڪجهه وڌائي پيش ڪيو آهي. هاڻي قبضن تي نه ته ڪو سرڪاري آفيسر، وزير ۽ نه ئي وزير اعليٰ سنڌ به ڊيل نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان سلسلي سڀ افواهون بي معنيٰ آهن. سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن تي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنهن به دٻاءَ ۾ اچي ڪاررواين کي نه روڪيندا سين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ ٺاهيل غير قانوني شادي هال کي مسمار ڪرڻ بعد اتي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مسعود عالم، ايڊمنسٽريٽرايسٽ سيد صلاح الدين، ڊپٽي ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ مظهر ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قبضن ۽ صفائي جي حوالي سان مهم ڪجهه مهينا اڳ شروع ڪئي ويئي هئي ۽ اڄ به اها مهم ڪراچي سميت حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو آدم، سميت سڄي صوبي جي سڀني ضلعن ۾ بغير ڪنهن فرق جي جاري آهي ۽ ان وقت تائين جاري رهندي، جيستائين اسان سڀني قبضن واري جاين جو خاتمو نه ڪنداسين. هن چيو ته گذريل ڏينهن جي ڪارروائي کانپوءِ هڪ سياسي جماعت ۽ هڪ اين جي او طرفان ان مهم خلاف بيان ڏنا ويا، پر انهن کي وضاحت سان چوان ٿو ته رفاهي ۽ فلاحي زمين جنهن مقصد لاءِ ڏني ويئي آهي ان جي حيثيت نه ته ڪوئي ادارو،نه ئي ڪو آفيسر، نه ڪوئي وزير ۽ نه ئي وري وزير اعليٰ سنڌ تبديل ڪري سگهن ٿا. زمين جي حيثيت جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جا واضح حڪم مليل آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو اعتراض آهي ته هو شوق سان سپريم ڪورٽ ۾ وڃي. هن چيو ته مان ڪنهن به قسم جي دٻاءَ ۾ نه ايندس ۽ نه ئي ان مهم کي روڪيو ويندو. هن چيو ته اسان عوام کي تفريحي ماڳ ۽ راندين جا ميدان واپس ڏيڻ جو جيڪو واعدو ڪيو آهي ان کي پورو ڪري ئي دم کڻندا سين. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن به غير قانوني شادي هال کي نه ٿوڇڏيو وڃي ۽ اهڙين خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي. هن چيو ته زمين جي حيثيت، ان جي ليز ۽ ٻين سڀني معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه شادي هالن جا مالڪ عدالتن کان اسٽي آرڊر به وٺي آيا آهن. هن چيو ته بلديات کاتي ۽ بالخصوص ڪي ايم سي لاءِ سٺن وڪيلن تي مشتمل پئنل ٺاهيو پيو وڃي ۽ جلد ئي هي پئنل سڀني اهڙن ڪيسن جو جائزو وٺي بلديات کاتي جو موقف عدالت ۾ پيش ڪندو ۽ اهڙي طرح جا غير ضروري ۽ غير قانوني طور تي اسٽي آرڊرن جو خاتمو ڪرايو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪي ڪارروايون مان ڪري رهيو آهيان انهن تي ڪراچي جو مينڊيٽ رکندڙن کي ته خوش ٿيڻ کپي ته مان ڪراچي جي عوام کي گهٽ ۽ ٻوسٽ کان ڪڍي انهن کي آسائشون فراهم ڪرائڻ لاءِ قبضي گروپن خلاف ڪارروايون ڪريان ٿو. هن چيوته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هي مهم مڪمل طور تي غير سياسي آهي ۽ ان ۾ اڄڪلهه ڪنهن به سياسي شخصيت کي ٽارگيٽ نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي هن مهم ۾ مڪمل طور تي غير قانوني ۽ سرڪاري زمينن، راندين جي ميدانن، پارڪن، رفاهي ۽ فلاهي پلاٽن تي انهن جي حيثيت کي تبديل ڪري انهن کي تجارتي سرگرميون ڪندڙن خلاف آهي ۽ هي مهم ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين اسان قبضا گروپن کي مڪمل طور ختم نه ڪيون. هن چيو ته جيڪا زمين جنهن مقصد لاءِ الاٽ ڪئي ويئي آهي، ان کان علاوه ان تي ٿيندڙ سڀ سرگرميون غير قانوني تصور ڪيون وينديون ۽ اهڙين سرگرمين ۾ چاهي ڪو به ملوث هوندو، ان کي بخش نه ڪيو ويندو. عمران خان جي بيان جي رد عمل ۾ جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات ۽ صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ڌرڻي ۾ ناڪامي کانپوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي.عمران خان ڌرڻو هڻي اهو سوچي رهيو هو ته هو پاڪستان جو وزير اعظم ٿي ويندو ۽ چونڊيل حڪومتن کي ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.عمران خان اصل ۾ مسٽر يو ٽرن خان آهي. عمران خان ڪنهن به قسم جي غلط فهمي ۾ نه رهي ته آصف علي زرداري پاڪستان واپس نه ايندو. آچر ڏينهن پنهجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي مڪمل طور تي ناڪامي ملي آهي ۽ ڪا به ان جي سازش هن جي ڪم نه آئي ته هاڻي هو ٻين سياسي جماعتن تي خلاف گند اڇلائي رهيو آهي.هن چيو ته ٻين تي ڪيچڙ اڇلائڻ کان پهريان عمران خان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسي. عمران خان جو ماضي ۽ حال ٻئي داغدار آهن ۽ عوام ان جي بيهوده بيانن کي ناهي ڀلايو،جيڪي هن ملڪ جي اهم ادارن جي باري ۾ ڏنا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ڪنهن به قسم جي غلط فهمي ۾ نه رهي ته آصف علي زرداري پاڪستان واپس نه ايندو. هن چيو ته عمران خان خيبر پختونخواهه کي پئرس بنائڻ جي دعويٰ اڄ سڀ جي سامهون آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي بدقسمتي آهي ته ان جا سڀ الزام ڪوڙ ثابت ٿيا آهن ۽ هن کي يوٽرن جي پاليسي وٺڻي پوي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *